بااثر مسلمانن جي لسٽ ۾ عمران خان،ملاله ۽ طارق جميل به شامل

بااثر مسلمانن جي لسٽ ۾ عمران خان،ملاله ۽ طارق جميل به شامل

پاڪستان (ويب نيوز) دنيا جي پنج سئو اثررسخ رکندڙ مسلمان شخصيتن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو وزير اعظم عمران خان به شامل ٿي ويو آهي.اردن جي رائل اسلامڪ اسٽريٽجڪ سينٽر جي طرف کان مسلمان دنيا جي 500 با اثر ترين شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ترڪي جي وزير اعظم رجب طيب اردگان پهرين نمبر تي آهي ، سعودي فرمان روا سلمان بن عبدالعزيز ٻئي نمبر تي جڏهن ته اردن جو شاهه عبدالله ٻيون ٽئين نمبر تي آهي.پاڪستان سان تعلق رکڻ وارو نالي وارو مذهبي اسڪالر مفتي تقي عثماني ڇهين نمبر تي وڌيڪ اثر رکندڙ مسلمان شخصيت قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته وزير اعظل عمران خان 29 نمبر تي ۽مشهور عالم دين مولانا طارق جميل 40 نمبر تي آهن، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بااثر مسلم شخصيتن جي لسٽ ۾ 13 نمبر تي آهي جڏهن ته دبعي جو شيخ محمد محمد بن زيد النهيان 15 ۽ حزب الله جو حسن نصرالله 23 نمبر تي آهن،مصر سان تعلق رکندڙ واري بين الاقوامي شهريت يافته فٽبالر محمد صالح هن لسٽ ۾ 46 ۽ عراق  جو سياسي اڳواڻ مقتدا الصدر 47 هين نمبر تي آهي.بااثراسلامي شخصيتن جي اعزاز واري لسٽ ۾ پاڪستان جي ڌيءَ ملاله يوسف زئي، حماس جو اڳواڻ اسمائيل هانيه،مشهور اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ، مذهبي اڳواڻ شيخ محمد الياس عطاري قادري ۽ لنڊن جو ميئر صادق خان به شامل آهي. پاڪستان جي ڊاڪٽر عطاء الرحمان، عمر سيف ۽ عرفان صديقي به بااثر شخصيتن جي اعزاز واري لسٽ ۾ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو