ڏهرڪي (ن س) ڏھرڪي ويجهو ڳوٺ نور حسن شاهه، جو رهواسي پيرسن نور حسن شاهه پنهنجي ڳوٺ جي بااثرن شخص خلاف احتجاج ڪيو ويو، تفصيل موجب ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ نور حسن شاهه جو رھواسي پيرسن منظور احمد شاهه پنهنجي ڳوٺ جي بااثر شخص خلاف احتجاج ڪندي اهيو الزام لڳايو آهي ته اسان شريف ماڻهو آهيون اسان جو بااثر جاويد احمد شاهه جيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو مان ڳوٺ نور حسن شاهه جو رهواسي آهيان ۽ مان پنهنجي ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۾ سڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪري هاڻ مان رٽائرڊ ٿي ويو آهيان جيڪو اسان جي ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول آهي هن اسڪول جي زمين به مان ڊونيٽ ڪئي آهي پر ھاڻي مان رٽائرڊ ٿي ويو آهيان ته هاڻي سن ڪوٽا به اسان جو حق آهي پر ايف ايف سي فرٽیلائیزر ڪمپني ميرپورماٿيلو ۾ امپلائيز جي نوڪري ڪندڙ جاويد احمد شاهه مٿين آفيسرن کي رشوت ڏئي اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سرڪاري سيڪورٽي گارڊ جي نوڪري جون جالي سگنيچران ڪرائي آرڊر جاري ڪرايو آهي ۽ اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سرڪاري سيڪورٽي گارڊ، جي نوڪري به ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي حق تي ڌاڙو هنيو ويٺو آهي ۽ هن سان گڏ اسان جي ملڪ سان به ٻه نمبري ڪيون ويٺو آهي ڇو ته ڪوئي به ڪنهن ڪمپني جو امپلائيز سرڪاري نوڪري نه ٿو ڪري سگهي، وري ڪجهه ٽائيم پهرين جاويد احمد شاهه پنهنجي پٽن کي ڌڪ ھڻي ڪورٽ جي حڪم تي اسان مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل به ڪرائي آهي جيڪو هن وقت ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس به هلندڙ آهي هن چيو ته مان چيف آف آرمي وزيراعظم شهباز شريف. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان. ۽ اعلي حڪام کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان مٿان ٿيل ڪوڙي ايف آئي آر جي ساف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽اسان سان انصاف ڪيو وڃي،،










