بائيڊن جي ٽرمپ کي مبارڪباد، ملاقات جي دعوت

بائيڊن جي ٽرمپ کي مبارڪباد، ملاقات جي دعوت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن فون ڪري نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪ ڏيندي وائيت هائوس ۾ ملاقات جي دعوت ڏني آهي. جو بائيڊن پر امن اقتدار جي منتقلي يقيني بنائڻ جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ، اچو ته اوهانکي اوول آفيس جي چاٻي ڏيان. هوڏانهن چونڊ هارايل ڊيموڪرٽڪ اميدوار ڪمالا هيرس به فون ڪري ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي شڪست قبول ڪئي آهي. هن ساڻس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. هاورد يونيورسٽي جي لان تي گڏي ٿيل پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي هن چيو ته چونڊن ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جمهوريت جو بنيادي اصول آهي. هن چيو ته معاشي ترقي، ٻار ڪيرائڻ جي اجازت سميت جيڪا به سندس چونڊ مهم جي ايجنڊا هئي ان تي عمل ڪرن لاءِ هر فورم تي جدوجهد جاري رکندي. هن پنهنجي حامين کي چيو ته مايوس نه ٿيو، پر امن رهو ۽ اڳ کان وڌيڪ محنت ڪريو، اسانجي جنگ هر فرنت تي جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو