لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊن بابت اتحادي پارٽين سان صلاح مشوري کان پوءِ گڏيل فيصلو ڪيو ويندو. اسان جي احتجاجي مظاهرن کان پوءِ عدليه جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي.جمعيت علماءِ اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان ماڊل ٽائون ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. مولانا فضل الرحمان شهباز شريف سان ملڪ جي موجوده آئيني صورتحال تي مشاورت ڪئي. شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون. تحريڪ لبيڪ جا مظاهرا ۽ ڌرڻا سياسي نوعيت جا هئا. انهن فوج تي حملا نه ڪيا هئا. دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ حرڪت ۾ آيو آهي ته اهو قانون موجب صحيح فيصلو آهي. سزا ملندڙن کي اعليٰ عدليه ۾ اپيل جو حق حاصل هوندو.مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018 ۾ ڌانڌلي سان ٺهيل حڪومت ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اسان جي سال کان مٿي جي ڪوششن کان پوءِ هاڻ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي. عمران خان سان نه اڳ ڳالهيون ٿيون نه ئي وري هاڻ ڪنداسين.مولانا فضل الرحمان عدليه جي حوالي سان چيو ته اسان هن اداري جا خير خواهه آهيون. ان جي جانبداري تي سوال اٿيا ته اسان اسلام آباد ۾ مظاهرا ڪيا جنهن کان پوءِ ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي. اسان جي مظاهرن دوران ڪوبه نقصان نه ٿيو. اتي لڳل ٻوٽن جي حفاظت به اسان پاڻ ڪئي.مولانا فضل الرحمان مهانگائي جي تازي لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پريشاني ان ڳالهه جي آهي ته نئين ايندڙ حڪومت به ان جو بار نه کڻي سگهندي. عوام کي به خبر آهي ته مهانگائي جو قصور وار ڪير آهي ۽ ڪنهن ملڪ کي هن دلدل طرف ڌڪيو آهي. اسان وقت تي چونڊن جا حامي آهيون پر سمورا فيصلا مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ڪيا وڃن.










