اسلام آباد(بيورو)نيب جي اڳوڻي چيئرمين جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پنهنجي طلبي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ جاويد اقبال موقف اختيار ڪيو آهي ته پـِي اَي سـِي جو چيئرمين اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي نيب جي اڳوڻي چيئرمين درخواست ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي 7 جولاءِ واري گڏجاڻي جا مـِنـَٽس غير قانوني قرارڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي










