اڳوڻي صوبائي وزير پاران بيمار پوليس اهلڪار جي علاج جو اعلان

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو)  جگر جي بيماري ۾ مبتلا پوليس اھلڪار برڪت پنھور کي ڊاڪٽرن پاران  ڏسيل 80 لک واري علاج کان پوءِ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن جي علاج لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران مين چوڪ تي امدادي ڪئمپ لڳائي وئي هئي ۽ ان جون ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ کان پوءِ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر جگر جي بيماري ۾ ورتل پوليس اھلڪار برڪت پنھور جي گھر پھچي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ جيڪو اڄ سندن گهر پهتو. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مان پنهنجي ڪيل واعدي موجب جگر جي بيماري ۾ ورتل پوليس اھلڪار برڪت پنھور جي گهر پھتو آھيان ۽  جنهن کي ڇنڇر جي ڏينھن پنهنجي گاڏي ۾ گمبٽ جي اسپتال وٺي ويندس ۽ سڄو علاج جو خرچ آئون پاڻ ڪندس. هن چيو ته مان صحت جو وزير هيس ان وقت گمبٽ ۾ اسپتال جو هڪ ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هيو جتان اڄ هزارين ماڻهو علاج ڪرائين ٿا. جگر جي بيماري م ورتل برڪت پنھور ٻڌايو ته مان اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب حسين ڏھر جو وڏو شڪر گزار آهيان جنهن منهنجي مدد ڪئي آهي ۽ مون کي سهارو ڏنو آهي ۽ مان ميڊيا جي دوستن جو به شڪر گذار آهيان جنهن منهنجي علاج لاءِ آواز اٿاريو آهي جنهن جي آواز اٿارڻ سان منهنجي علاج ڪرايو پيو وڃي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جو تعلقي صدر مختيار احمد دايو، سيد اسد شاه بخاري ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو