اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير علي افضل ساهي کي پيشي جي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ علي افضل ساهي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن کانپوءِ علي افضل ساهي کي گرفتار ڪيو ويو.علي افضل ساهي جي وڪيل چيو ته عدالت گولاڙچي ڪيس ۾ علي افضل ساهي جي عبوري ضمانت ۾ 3 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته علي افضل ساهي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن جي عدالت ۾ پيش ٿيو.وڪيل چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير کي پيشي کانپوءِ جڊيشل ڪمپليڪس مان واپسي تي گرفتار ڪيو ويو.










