ٽرمپ کي تحفا لڪائڻ تي گرفتاري جو ڊپ، احتجاج جي اپيل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت دوران ٻين ملڪن طرفان ڏنل تحفن کي رڪارڊ جو حصو نه بڻايو ويو. ڊيموڪريٽس طرفان رپورٽ ايوان جي احتساب ڪميٽي کي پيش ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊيموڪريٽس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي صدارت دوران وائيٽ هائوس اڍائي ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا 100 کان وڌيڪ تحفا رڪارڊ جو حصو نه بڻايا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تحفا ٽرمپ، سندس زال ميلانيا، ٽرمپ جي ڌيءَ ايوانڪا ۽ ٽرمپ جي ناٺي ڪشنر کي ڏنا ويا ۽ بعد ۾ حڪومت جي حوالي ڪيا ويا پر آمريڪي قانون تحت ظاهر نه ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو