راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) يوم آزادي جي موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير طرفان اڳوڻن فوجين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. آرمي چيف ريٽائرڊ آفيسرن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي لگن ۽ قوم جي تاريخ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار جي تعريف ڪئي.آرمي چيف اتحاد ۽ مشڪلاتن جي سامهون استقامت جي اهميت تي ڏيندي اڳوڻن فوجي آفيسرن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکن.آرمي چيف جعلي ۽ پروپيگنڊا جي خطري کان به آگاهه ڪيو جيڪو دشمن عناصرن طرفان پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ پکيڙيو پيو وڃي. هن يقين ڏياريو ته قوم جي حمايت اهڙين سمورين ڪوششن کي ناڪام بنائي ڇڏيندي.اڳوڻن آفيسرن پاڪستان آرمي جي قيادت تي ڀروسي ۽ يقين جو اظهار ڪيو ۽ اندروني، بيروني سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو. تقريب ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل(ر) راحيل شريف ۽ اشفاق پرويز ڪياني به شريڪ ٿيا.










