ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ۾ وڏو معاوضو وٺندڙن ۾ شامل اڪشي ڪمار فلم”بچن پانڊي“ ۾ اختيار ڪيل روپ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ گڏ هن اهو به ٻڌايو ته فلم 26 جنوري 2022 رليز ڪئي ويندي.اڪشي ڪمار جي فلم ”بچن پانڊي“ ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ ڪريتي سينن ۽ جيڪولين فرنينڊز“ آهن جڏهن ته فلم جي شوٽنگ جي شروعات هن مهيني ٿيندي.ياد رهي ته فلم”بچن پانڊي“ جي هدايتڪار فرحاد سمجي آهي ۽ فلم ۾ اڪشي ڪمار گينگسٽر جو ڪردار ادا ڪندو جڏهن اداڪاره ڪريتي صحافي جي ڪردار ۾ نظر ايندي.










