اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته محمود اچڪزئي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ عمران خان جي نمائندگي کان انڪاري ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني موجب، محمود خان اچڪزئي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ سندس نمائندگي ڪندو.خواجه آصف چيو ته مون محمود خان اچڪزئي کان اِهو سوال اڄ قومي اسيمبلي ۾ ٿيل ملاقات دوران پڇيو، محمود خان اچڪزئي نه ۾ جواب ڏيندي چيو ته هو اِهو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي.بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي تجويز هميشه جيان غير سنجيدا، سياسي بيان بازي کانسواءِ ڪجهه ناهي.










