اڄ پاڪستان کي چين کان 300 ملين ڊالر ملندا: اسحاق ڊار

اڄ پاڪستان کي چين کان 300 ملين ڊالر ملندا: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ پاڪستان کي چين مان 300 ملين ڊالر ملندا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اڄ ايندڙ رقم چين کان منظور ڪيل 1 ارب 30 ڊالر قرض جو حصو آهي.اسحاق ڊار چيو ته چين اڳ ئي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر قرض ادا ڪري چڪو آهي، اها رقم چين جي آءِ سي بي سي بئنڪ جي 1.3 ارب ڊالر جي قرض جي ٽئين قسط آهي.ناڻي واري وزير چيو ته انهن فنڊن سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو