اپوزيشن پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو: افتخار دراني

اپوزيشن پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو: افتخار دراني

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ افتخار دراني چيو آهي ته مخالف ڌر پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي.خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي افتخار دراني چيو ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جي ماڻهن کي فون اچي رهيا آهن ۽ پارٽي ڇڏڻ جو چيو پيو وڃي.هن چيو ته پنجاب حڪومت کي ٽوڙڻ لاءِ مخالف ڌر جي ڪوششن کان عمران خان کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، جيڪي پارٽي ڇڏي ويندا اهي نااهليءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن کين سياست پسند ناهي ته پارٽي ڇڏي ڏي.افتخار دراني چيو ته اپوزيشن پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي پر ان تي عملدرآمد لاءِ ڪوششون جاري آهن، اسان کين سياسي ميدان ۾ شڪست ڏئي ٻيهر حڪومت ٺاهينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو