جي يو آءِ ڪارڪن گرفتار، پارلياماني لاجز ۾ پوليس آپريشن

جي يو آءِ ڪارڪن گرفتار، پارلياماني لاجز ۾ پوليس آپريشن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پارليامينٽ لاجز ۾ موجود انصار الاسلام جي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ايم اين اي صلاح الدين ايوبي جي لاج جو دروازو ٽوڙي ايم اين اي ۽ ورڪرز کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس صهافين کي ڌڪا ڏيندي ڪوريج کان منع ڪندي رهي، جي يو اءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ تي پوليس تشدد ڪيو، اطلاع ملندي جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم دراني به لاجز پهچي ويا ۽ سندن ڪارڪنن پوليس جي گاڏين کي روڪي ورتو، گو نيازي گو نيازي جي نعريبازي به ڪئي وئي. پارليماني لاجز ميدان جنگ بڻجي ويو. خواجا سعد رفيق کي به ڇڏائڻ دوران تشدد ڪيو ويو. جي يو آءِ جو چوڻ آهي ته اسانجي ايم اين ايز کي اغوا ڪرڻ جو خدشو هو ان ڪري رضا ڪار گهرايا، اڪرم دراني چيو ته گرفتار ڪارڪن فوري آزاد ڪيا وڃن، ٻئي صورت سڄي ملڪ مان ڪارڪنن کي اسلام آباد گهرائينداسين. گهرو وزير شيخ رسيد چيو ته پوليس تي جي يو آءِ ڪارڪنن تشدد ڪيو آهي، 5 ڪلاڪ انتظار ڪندا رهيا ڪارڪن حوالي ڪريو ۽ مجبور ٿي اسان ڪاروائي ڪئي آهي، هنن پوليس جي گاڏين مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته مان به ورڪرز سان گرفتار ٿين چاهيان ٿو، ڪارڪنن کي هدايت ٿو ڪريان گهرن مان نڪري اچو، سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي پهچو ۽ سڄي ملڪ ۾ روڊ رستا بند ڪريو. اپوزيشن ميمبر قومي اسيمبلي جي سيڪيورٽي لاءِ اهم قدم، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سڪيورٽي تنظيم انصار الاسلام جا ڏنڊا بردار ڪارڪن ڊي چوڪ پهچي ويا.

Screen Shot

ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻن پنهنجي ميمبرن جي گمشدگي ۽ سيڪيورٽي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين فيصلو ڪيو هو ته انصار الاسلام جا ڪارڪن اپوزيشن جي سمورن ميمبرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندا. ياد رهي ته مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي اسپيڪر کي هاڻي اجلاس طلب ڪري ووٽنگ ڪرائڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو