اپوزيشن جو گوڙ، ڊائيس جو گهيراءُ، نفرت نه ڦهلايو، غني

اپوزيشن جو گوڙ، ڊائيس جو گهيراءُ، نفرت نه ڦهلايو، غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪياماڙي ضلعي جي قيام ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف اپوزيشن پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويو. فنڪشنل ليگ، متحده پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز گوڙ ڪري اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪرڻ بعد نعريبازي ڪئي. هڪ موقعي تي نندڪمار گوڪلاڻي ڳالهائڻ چاهيو ته ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري کيس چيو ته ٿورو صبر ڪيو هن گوڙ ڪيو جنهن بعد اپوزيشن وارا بينچون ڇڏي روسٽرم وٽ اچي ويا. متحده ايم پي اي خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام جي دور ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن مان 29 ڪرمنل پوليس آفيسرز کي گهرائي ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو، ڪراچي ۾ نوڪرين تي مقامي نوجوانن جو حق آهي، وڏي وزير آڏو مسئلو اُٿاريو پر اڃا تائين حل نه ٿيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايوان ۾ نفرت واري ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي زهريلي سياست کي رد ڪري ٿي، صوبي اندر سمورين شهرين کي حق حاصل آهي ته اُهي ڪهڙي به ضلعي ۾ رهي سگهن، نفرت جي بُنياد تي ماڻهن کي ورهائڻ بند ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو