اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل مهيني اپريل دوران مهانگائي جي شرح 36.4 سيڪڙو رهي، جيڪا 1964 کانپوءِ بلند ترين سطح آهي. ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب اپريل ۾ مهانگائي ۾ 2.41 سيڪڙو جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان مهانگائي جي ماهوار شرح 36.42 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، اها 1964 کانپوءِ مهانگائي جي بلند ترين شرح آهي. رپورٽ موجب جولاءِ کان اپريل تائين مهانگائي جي سراسري شرح 28.23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ سال ۾ سگريٽ 159.89 سيڪڙو، چانهه جي پتي 108.76 سيڪڙو ۽ اٽو 106.07 سيڪڙو مهانگو ٿيو.ڳڻپ کاتي ٻڌايو آهي ته ان عرصي دوران بيضا 100 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگا ٿيا، چانور 87 سيڪڙو ۽ مڱن جي دال 57 سيڪڙو مهانگي ٿي. رپورٽ موجب سالياني بنيادن تي ماش جي دال 56 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ بصر 52 سيڪڙو تائين مهانگا ٿيا، بيسڻ 51.17 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 43 سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگو ٿيو.










