اٽو مهانگو، 20 ڪلو جو بيگ 1300 جو ملڻ لڳو

اٽو مهانگو، 20 ڪلو جو بيگ 1300 جو ملڻ لڳو

اسلام آباد(بيورو)فلور ملز اٽي جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن بعد اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 1100 رپين مان وڌي 1300 رپيا ٿي ويو آهي. ڏکڻ پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1250 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جو ڪوٽا بند آهي، هو مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن ان ڪري اٽي جو اگهه وڌائڻو آهي.هن چيو ته نئين ڪڻڪ 2300 رپيا في مڻ ملي رهي آهي، جڏهن ته گذريل سال ان جو اگهه 2300 رپيا في مڻ هو.ٻئي طرف نان بائي ايسوسيئشن موجب ماني جي اگهه ۾ واڌ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي، اهڙا فيصلا ضلعي انتظاميا پاران ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو