اٽلي ۾ ٻيڙي اونڌي، پاڪستانين سميت 43 ڄڻا ٻڏي فوت،تصديق

اٽلي ۾ ٻيڙي اونڌي، پاڪستانين سميت 43 ڄڻا ٻڏي فوت،تصديق

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ غير قانوني پناهگيرن جي ٻيڙي ٻڏي وڃڻ سبب پاڪستانين سميت 43 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آچر تي ڪلابريا جي سمنڊ ڪناري کان ڪوٽلي جي ڏکڻ اولهه ۾ مهاجرن جي ٻيڙي جبل سان ٽڪرائجي وئي ۽ زوردار لهرن سبب لڙهي وئي.اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ٻيڙي ڪٿان آئي، پر مقامي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو پاڪستان، ايران، عراق، شام، افغانستان ۽ صوماليا جا هئا.اطالوي وزيراعظم جورجيا ميلوني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حادثي جو شڪار ٿيل ٻيڙي ۾ اٽڪل 200 ماڻهو سوار هئا، جڏهن ته مقامي پوليس اهلڪارن موجب اهو انگ 150 ۽ 180 هو.اطالوي اختيارين واقعي جو اطلاع ملندي ئي علائقي ۾ وڏي پيماني تي سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.ريڊ ڪراس جي عالمي اداري حادثي ۾ 43 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته 80 کان مٿي ماڻهن کي بچايو ويو آهي.امدادي تنظيم جي هڪ اهلڪار ٻڌايو آهي ته ٻڏي فوت ٿيلن ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن.گذريل ڪيترن ئي سالن کان آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن جا ماڻهو بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ غير قانوني طور يورپ خاص ڪري اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان دوران هزارين ماڻهو مري به ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو