طفيل مگسي
7 آڪٽومبر 2023 ء تي اسرائيل تي حماس جي حملي جي ٻن سالن کان عرب حڪمران ۽ چين ۽ روس سميت سموري دنيا غزه ۾ نالي ماتر جنگ بندي تي دهل وڄائي رهي آهي۔جڏهن ته ان دوران اسرائيل جي بي لغام ۽ بنظير جارحيت غزه کي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪري چڏيو آهي۔92 رهائشي ۽ 88 سيڪڙو ڪمرشل عمارتون يا ته تباه ٿي چڪيون آهن يا انهن کي شديد نقصان رسيو آهي۔بنيادي سماجي و مادي انفراسٽرڪچر برباد ٿي چڪو آهي۔مرڻ وارن فلسطينين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 85 هزار آهي۔اهو هٿياربند جهڳڙو جنهن کي ”غزه جنگ“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو۔بنيادي طور تي صيهوني رياست جي طرف کان فلسطينين جي هڪ طرفي قتل عام يعني نسل ڪشي جي برابر آهي۔ جنهن ۾ بارود سان گڏوگڏ علاج وغيره جو نه هئڻ۔بک ۽ اڄ جو يزيدي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ٻارڙن ۔پوڙهن۔عورتن۔مريضن ۽ زخمين جو ڪو لحاظ نه ڪيو ويو بلڪ ڪافي صورتن ۾ ڄاڻي واڻي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون ته عام ماڻهو وڏي انگ ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿين ته جئين انهن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ ماريو وڃي۔اهو ڪو حادثو ناهي ته ايمنسٽي انٽر نيشنل ۔هيڳمن رائشؤٽس واچ ۽ گڏيل قومن جهڙن”امن“ ۽ انساني حقن“ جي نام نهاد سامراجي ادارن به ان صورتحال کي سڌو سنئون نسل ڪشي قرار ڏنو آهي۔باوجود ان جي انهيء عرصي ۾ اسرائيل جي جارحيت صرف غزه تائين محدود نه رهي بلڪ امريڪا جي مدد سان پرڳڻي جي ٻين علائقن (لبنان۔شام۔ايران ۽ قطر) ۾ به حماس۔حزب الله ۽ ايران جي فوجي و سياسي قيادت جي خاص ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو۔ايران جي اهم جوهري ۽ فوجي ٺڪاڻڻ تي ٿيندڙ حملا ان کانسواء آهن۔جنهن جي جواب ۾ ايران پنهنجن ميزائيلن ۽ ڊرون جهازن جي وسيلي اسرائيل کي نشانو بڻايو ۽ ٻنهيء ملڪن جي وچ ۾ باربار جنگي ٽڪرائن جي صورتحال پيدا ٿيندي رهي۔ جيڪڏهن ويچار ڪريو ته 7 آڪٽومبر 2023ع کانپوء وچ اوڀر ۾ اهڙن واقعن و حالتن جنم ورتو آهي۔جن جو مثال ماضيء ۾ نٿو ملي ۽ جيڪي مستقل نمونين وارين تبديلين جو ڏس آهن۔تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسرائيل ۽ ايران جا هڪ ٻيئي تي سڌا سنوان حملا ته هڪ پاسي رهيا۔پر انهن حالتن ۾ قطر جهڙي نهايت امير۔اثر واري ۽ امريڪا جي ويجهي اتحادي ملڪ جي سرزمين به محفوظ نه رهي۔جتي هلندڙ سال جون ۾ پهريون ڀيرو ايران امريڪا جي هڪ مرڪزي فوجي اڏي کي نشانو بڻايو۔وري سيپٽمبر ۾ اسرائيل قطر جي گادي واري هنڌ دوحا ۾ حماس جي قيادت جي هڪ اجلاس کي نشانو بڻايو۔ائين سعودين جو ڊوڙي ڪري پاڪستان جي چٽي هيٺان پناه وٺڻ مجبوري بڻجي ويو۔ ليڪن وچ اوڀر جي انهن واقعن کي عالمي منظرنامي ۾ ٿيڻ وارين غير معمولي تبديلين کان الڳ ڪري نٿو ڏسي سگهجي۔ٻي عالمي جنگ کانپوء يورپ جي سرزمين تي پهرين وڏي ۽ روايتي جنگ روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن کان جاري آهي۔جنهن ۾ ٻنهيء پاسن کان اڍائي کان ٽن لکن تائين فوجين جي مارجڻ سميت اٽڪل 15لک ماڻهو مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن۔مالي نقصان۔ انفراسٽرڪچر جي تباهي ۽ دربدر ٿي وڃڻ وارن جي انگ جو ڪو شمار ناهي۔انهيء ريت هلندڙ سال مئي ۾ خوفناڪ ايٽمي جنگ جي خطرن سان گڏوگڏ چئن ڏينهن تائين جاري رهڻ وارو پاڪ ڀارت ٽڪراء آهي۔جنهن کانپوء ٻنهي ملڪن جا تعلقات تاحال چڪتاڻ وارا آهن ۽ ڪنهن نئين جنگي ايڊونچر کي رد نٿو ڪري سگهجي۔انهن ڌماڪن جو پڙاڏو اڃا ماٺو نه ٿيو هو ته هاڻي افغانستان سان جنگي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي۔جنهن رتوچاڻ جهڙپون به شامل آهن ۽ پاڪستان هوائي حملن ۾ ڪابل ۽ قنڌار سميت افغانستان جي ڪيترن ئي شهرن کي نشانو بڻايو۔اهو مامرو جيڪو گذريل چئن ڏهائين کان پاڪستاني رياست جي پنهنجي افغان پاليسي جي پيداوار آهي۔پرڳڻي ۾ عدم استحڪام ۽ رتوچاڻ جي نئين نڪتي جو واڌارو ٿي سگهي ٿو۔ هنن سٽن جي لکڻ وقت ٽرمپ جي طرف کان وينزويلا ۾ ”خطرناڪ نموني جا ڳجها آپريشن“ يا وڏي صورت ۾ سڏؤ سنئين حملي جون ڳالهيون عالمي ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهن۔امريڪا جي طرف کان اهڙي ڪا ڪاروائي سموري لاطيني امريڪا جي حالتن کي بگاڙي سگهي ٿي۔ ليڪن مسئلو صرف جنگين ۽ سامراجي رتوچاڻين جو ناهي بلڪ بين الاقوامي سطح تي مڙهيل سياست و سفارت به ڳوڙهي ٽوڙ ڦوڙ جي شڪار آهي۔ امريڪا چين واپاري جنگ شديد ٿيبدي پئي وڃي ۽ بين الاقوامي سامراجي چڪتاڻ وڌي رهي هي۔بحيثيت مجموعي اهو سامراجي سرمائيداراڻي نظام جو بحران آهي جيجو 2008 کانپوء شديد ٿيندو ويو آهي۔ٻه ڏهائيون اڳ اهو سوچڻ به مشڪل هو ته عالمي رمائداري جيڌواڳ ٽرمپ جهڙي شخص جي هٿن ۾ به اچي سگهي ٿي۔جنهن جو رويو ۽ حرڪتون ڪنهن امير گهراڻي سان تعلق رکڻ واري برتري واري احساس جي شڪار لاڏلي۔ضدي ۽ هٺي ٻار کان مختلف ناهن ۽ جنهن جي لاء سامراجي نظام جي ڊگهي عرصن وارن نشانن ۽ مقصدن و مطلبن کان وڌيڪ اهم شارٽ ٽرم فائدا۔نجي و گروهي مفاد يا ذاتي انا جو پورائو آهي۔پنهنجن انهن ئي روين جي جي بنياد تي هو بين الاقوامي معامرن ۽ تعلقات جي نئين جوڙجڪ جي وسيلي سامراجي لبرل آرڊر جي بحران کي هڪ موضوعي شڪل ڏئي رهيو آهي۔ليڪن ٽرمپ کي ڪشادي نقط نظر کان ڏسجي ته هو فار رائٽ نون لاڙن جي اڀار جو تسلسل آهي۔جيڪو“نيو“ لبرل سياسي معشيت جي ڳوڙهي بحران جي پيداوار هي ۽ ڪ جي پٺيان ٻيئي ملڪ (خاص طور تي ترقي يافته مغرب)۾ قدامت پرست۔هٺ ڌرم ۽ نسل پرست قسم جي فردن ۽ يا پارٽين کي مقبوليت ڏئي رهيو آهي۔ ائين امريڪا کان اعتبار کڄي وڃڻ ۽ پراڻي سماجي آرڊر جي مفاهمن ۽ معاهدن جي ٽٽي وڃڻ جي ماحول ۾ علائقائي طاقتون ڪن صورتن ۾ وحشي ۽ سفاڪ ٿي ويون آهن(جيئن اسرائيل جو مامرو آهي) يا عدم تحفظ يا گهٻراهٽ جي عالم ۾ نوان اتحاد ٺاهڻ ۽ نيون فوجي چٽيون ڳولڻ ۾ مصروف آهن۔(جيئن ته يورپ ۽ خليجي رياستن جي صورتحال آهي)ان ڪيفيت جو فائدو چين ۽ روس به کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔جيتوڻيڪ ”برڪس”۽ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙين اتحادين جو ڪافي چرچو آهي۔جيتوڻيڪ سرمائيداري جا اتحاد جبر و استحصال جي نظام جو متبادل نٿا ٿي سگهن۔ ان حوالي کان ويچار ڪيو ته اهو عدم استحڪام ڪو نئون سلسلو ناهي۔جنهن ۾ جنگ۔رتو چاڻ۔جارحيت ۽ نسل ڪشي جهڙا عمل معمول جو حصو بڻجي رهيا آهن ۽ اها ڪا معمولي ڳالھ ناهي ته سرعام پنجاهىلکن کان وڌيڪ فسطينين کي بحيثيت قوم جتم ڪرڻ جون نه صرف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن بلڪ ان منصوبي کي عملي ويس پارايو پيو وڃي۔غزه جي ويجهڙائي واري نام نهاد جنگ بندي به انهيء ڊگهي منصوبي جي ڪڙي آهي۔ اصل ۾ گذريل ٻن سالن جي دوران سڄي دنيا ۾ اسرائيلي صيهوني رياست جي خلاف شديد ڪاوڙ ۽ احتجاجن جنم ورتو آهي۔اٽلي ۾ فلسطينين سان ٻڌي جي هڙتالن ۽ بندرگاهن جي بندش ۾ شدت آئي آهي۔ان کانسواء به گذريل عرصي ۾ آسٽريليا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوام اسرائيلي بربريت جي خلاف وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن۔ان کان اڳ۽امريڪا جيڏتعليمي ادارن ۾ به ڌرڻا هنيا ويا سڄي دنيا ۾ اسرائيل جو نالو هڪ گار بڻجي ڪري رهجي ويو آهي۔ ۽ وڌ کان وڌ ماڻهو هن کي هڪ بدمعائش ۽ ناجائز رياست جي طورڏتي ڏسڻ لڳا آهن۔صيهونيت اڳ ۾ ايتري اڪيلي۔بدنام ۽ مذمت و تنقيد جو شڪار تاريخ اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي۔21 صدي ۾ سڄي دنيا جي نظرن جي سامهون جاري نسل ڪشيء روز روز جي معاشي ذلتن ۽ محرومين سان گڏجي ڪري سرمائيداري ۽ ان جي عالمي سياسي بندوبست جي خلاف عوام جي نفرت ۽ بغاوت ۾ بي پناه واڌارو ڪيو آهي
۔ ايستائين ته پاڻ بورزوا ڌرين ۾ بداعتمادي وڌي آهي ۽ سخت سوال کڄي رهيا آهن۔عرب ملڪن ۾ به فلسطين جي مامري تي پنهنجن حڪمرانن جي لاعلمي ۽ خاموش شرڪتداري جي خلاف هڪ خاموش ڪاوڙ ۽ سورش موجود آهي۔جيڪو 2011 جيان ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿي۔ اهي عمل سامراجي پاليسيون ٺاهيندڙن جي لاء شديد بي آرامي جو سبب آهن۔اهوئي سبب آهي ته گذريل ٻن سالن کان برطانيه۔ناروي۔فرانس۔اسوين۔آئرلينڊ۔ڪينيڊا ۽ آسٽريليا وغيره جهٽؤڙين مغربي طاقتن کي به”هڪ منفقاڻي هٿڪنڊي جي طور تي“ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻو پيو آهي۔غزه جي ويجهڙائي واري جنگ بندي کي ان ئي نقط نظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي جيڪا سامراجي منافقت ۽ مڪاري جي هڪ واردات آهي ۔ ان جنگ بندي تي گذريل ٻن سالن کان مسلسل موت ۽ بربادي کان پريشان فلسطيني عوام جي خوشي وارن سببن کي سمجهڻ مشڪل ناهي۔بيشڪ اهو وقتي ريلف يقينن خوشي وارو آهي۔ليڪن سخت حقيقت اها به آهي ته اها فلسطيني جدوجهد جي فتح ناهي۔جيئن ته ڪجھ ڌرين جي طرف کان دعوي ڪئي ڪئي وڃي۔ امريڪي پريشر ۽ قطر۔مصر ۽ ترڪي جي سهڪار سان طئي ٿيڻ واري معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ ٻنهي پاسن کان قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي ۽ لاش هڪ ٻئي جي حوالي ڪيا پيا وڃن۔ليڪن فرض ڪيو ته جنگ بندي برقرار رهي ٿي ته اڳتي جا مرحلا اسرئيلي قبضي کي سبب ڏيڻ۔ٽرمپ ۽ ٽوني بيئر (جيڪو پاڻ هڪ جنگي ڏوهاري آهي)جي قيادت ۾ غزه کي امريڪي پروٽيڪٽوريٽ بنائڻ ۽ ان جو انتظام ”غير سياسي“ فلسطيني ٽيڪنوڪريٽس ۽ بين الاقوامي ”ماهرن “جي تحت هلائي۔حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ غير ملڪي فوج جي مقرري جهڙن نڪتن تي مشتمل آهن۔ائين اهو فلسطينين جي زخمن تي مرهم رکڻ جي بجاء انهن کي وڌيڪ وکيرڻ جو منصوبو آهي۔ حماس جي 7آ ڪٽومبر واري ڪاروائيء اسرائيل ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ تعلقات جي ”نارملائيزيشن “جي عمل کي ته معطل ڪري چڏيو۔ليڪن ان جي تمام ڳري جاني و مالي قيمت فلسطيني عواکي ادا ڪرڻي پئي۔ان دوران ايران ۽ ان جي پراڪسي گروه اسرائيل جي خلاف حماس جي ڪا ٺوس مدد نه ڪري سگهيا۔ابتو انهن کي به ڀوڳڻو پئجي ويو۔هاڻي شديد مجبوري جي سبب کان حماس کي صحيون ته ڪرڻيون پيڳن۔ليڪن اهڙا مڪان به نهايت ئي گهٽ آهن ته حماس پنهنجا هٿيار بلڪل ڦٽا ڪري چڏي۔(,فرض ڪيو ته ٿيئي کڻي ته اڳ کان موجود يا نوان هٿياربند گروه ان جي جڳھ وٺي چڏين) نه ئي اسرائيل جهڙي سفاڪ ۽ بدمعاش رياست جنهن ايران ۾ نه صرف فلسطينين جو خاتمو بلڪ ٻين عرب ملڪن تي قبضو به شامل آهي۔يا کڻي لفظن جي حدتائين خودمختيار ۽ مضبوط فلسطيني رياست جو به وجود ممڪن هي۔ ائين ڏکڻ ايشيا ۾ لائن آف ڪنٽرول ۔ڊيورنڊ لائن يا ريڊ ڪلف لائن کان وٺي وچ اوڀر ۾ فلسطين جي ورهاست ۽ اسرائيل جي پيوند ڪاري تائين سامراجين جا رڪاوٽ بڻيل مسئلا ىسامراجي مسئلي سان حل نٿا ٿي سگهن۔فلسطين جي آزادي سموري صيهوني پراجيڪٽ کي هڪدم اکيڙڻ سان مشروط آهي۔ ليڪن ان جي لاء سموري وچ اوڀر منجهان ان سامراجي سيٽ اپ کي اکيڙڻو پوندو۔جن جا مرڪزي ٿنڀا پاڻ عرب حڪمران آهن۔ان قسم جو فرض صرف عرب محنت ڪش عوام جي انقلاب جي وسيلي سرمائيداري جي خاتمي ۽ وچ اوڀر جي رضاڪاڻي سوشلسٽ فيڊريشن جي جوڙجڪ جي ذريعي ئي ادا ڪري سگهجي ٿو۔










