اي ڊي ايم گروپ پاران 250 ملين ڊالر سرمائيڪاري جو اعلان

اي ڊي ايم گروپ پاران 250 ملين ڊالر سرمائيڪاري جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اي ڊي ايم گروپ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ پاڪستان ۾ 250 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اي ڊي ايم گروپ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ياسر بهمبهاني چيو ته اي ڊي ايم گروپ مقامي صارفين کي ماحول دوست آٽو موبائل ڏيڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ پاڪستان ۾ 250 ملين ڊالر جي سرمائيڪاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي.گذريل ڏينهن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ملاقات ۾ هن چيو ته منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ چارجنگ نيٽ ورڪ اسٽيشن قائم ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري شروع ڪئي ويندي.هن چيو ته اليڪٽرڪ گاڏيون هڪ ڀيرو چارج ٿيڻ تي 300 ڪلو ميٽر تائين هلي سگهن ٿيون. صنعت واري وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڌو سنئون پرڏيهي سرمائيڪاري جي سهوليت فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن هڪ بهتر عمل کي يقيني بنائي سگهجي.هن سبز توانائي تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي وڌيڪ چيو ته اليڪٽرڪ گاڏيون هڪ حقيقت بڻجي چڪيون آهن. رانا تنوير اليڪٽرڪ گاڏين جي فائدن تي روشني وڌي جنهن ۾ روايتي گاڏين جي مقابلي ۾ انهن جي گهٽ قيمت ۽ پيٽرول جي بچت به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو