اي اين پي اڳواڻ الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو

اي اين پي اڳواڻ الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو

پشاور)ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو سينيٽر الياس احمد بلور لاڏاڻو ڪري ويو.الياس بلور جي ڀاءُ ۽ سينيئر اڳواڻ اي اين پي غلام بلور موجب مرحوم الياس بلور ڪيترن ئي مهينن کان پشاور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ 84 ورهين جو هو.الياس بلور 2012ع ۾ اي اين پي جو سينيٽر بڻيو، مرحوم سياست جي شروعات کان ئي اي اين پي سان لاڳاپيل هو، الياس بلور جو پٽ غضنفر بلور پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو، جنهن کانپوءِ الياس بلر سياسي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون هيون.اي اين پي اڳواڻ ثمر هارون بلور الياس بلور جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته الياس بلور جي جنازي نماز سڀاڻي 2 وڳي وزير باغ ۾ ادا ڪئي ويندي.مرحوم الياس بلور اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور ۽ شهيد بشير احمد بلور جو ڀاءُ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو