اي ايف يو لائف انشورنس ملازم اغوا جي تصديق

اي ايف يو لائف انشورنس ملازم اغوا جي تصديق

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا شهرجي رهواسي 35سالا نوجوان  اي ايف يولائف انشورنس جي ملازم سيدالهجوايو شاھ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي  وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان پنهنجي مائٽن  طرف ماڇي ڳوٺ وڃي رهيو ته چوڪ چڍڙ وٽان  ڌاڙيل رستي مان اغوا ڪري ويا ٻئي طرف ڌاڙيلن نوجوان جو ويڊيو ٺاهي وارثن ڏي اماڻي ڇڏيوآھي  ڌاڙيل ويڊيوبيان ۾ واضع طور نوجوان کي چئي رهيا آھن ته ڀونگ پوليس اسان جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري وئي هئي جيسيتائين انهن کي آذاد نه ڪيو ويندو تيستائين توکي نه ڇڏينداسين ۽ نوجوان کي قتل جون ڌمڪيون به ڏيئي رهيا آھن نوجوان ايس ايس پي رحيم يارخان ۽پنجاب حڪومت کان مطالبوڪندي چيو آھي ته خدارا منهنجي حياتي بچائي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو