اسلام آباد)بيورو رپورٽ) حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد جاري آهي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ايڪسپورٽ سيڪٽر لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 12 رپيا 13 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.برآمداتي شعبي ۽ هارين لاءِ بجلي تي 65 ارب رپين جي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي، هارين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا 60 پئسا في يونٽ واڌ جي به منظوري ڏني وئي آهي.نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سبسڊي ڏيڻ ۽ ختم ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ آهي.










