ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ جي قانوني صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ناظم آباد ۾ محسن ڀوپالي انڊر پاس جا کڏا ختم ڪري روڊ جي مرمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته انڊر پاس ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڊگهو مسئلو به حل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سينٽرل ضلعي جي عوام سان هڪ ٻيو واعدو پورو ٿيڻ وارو آهي، محسن ڀوپالي انڊر پاس جي مرمت سان سائٽ ۽ سينٽرل ضلعي جي عوام کي سفر ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ سفر به مختصر ٿيندو اهڙي خيالن جو اظهار هن محسن ڀوپالي انڊر پاس آباد جي دوري دوران ڪيو ان موقعي تي ڪي ايم سي جا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، ان انڊر پاس تان گذرڻ وقت ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيندي هئي روڊ ٽٽل هو ۽ سيوريج جو به مسئلو هيو جنهن جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هاڻي هتي روڊ کي پڪو ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، برساتن دوران انڊر پاس ۾ پاڻي ڀرجڻ جون شڪايتون پڻ مليون. هن چيو ته ڊرينيج سسٽم جي خرابي هئي پر هاڻي ان کي صحيح ڪيو پيو وڃي جنهن سان شهرين کي سهولت ملندي، هن چيو ته ضلعي سينٽرل ۾ موجود ٻين انڊر پاسن ۽ پلن کي به بهتر بڻايو پيو وڃي، ان جي مرمت به ڪئي پئي وڃي، اها خوشي جي ڳالھ آھي ته ڪراچي ۾ هاڻي جيڪي روڊ ٺهي رهيا آهن، ان ۾ زير زمين سيوريج جو ڪم پهريان ئي مڪمل ڪيو پيو وڃي جنهن سان بعد ۾ سيوريج اوور فلو نه ٿيندو ۽ روڊ کي نقصان به نه پهچندو
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ شهري انتظاميه ڪوشش ڪري رهي آهي. مک شاهراهن کي بهتر حالت ۾ رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ خاص ڪري انڊر پاسز ۽ فلائي اوور جي مرمت جو ڪم باقاعده جاري آهي، ٽريفڪ جي روانگي کي برقرار رکڻ لاءِ هن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي وڏن روڊن جي تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان شير شاهه روڊ ۽ سائيٽ ايريا ۾ مچلي چوڪ کان ڪينوپ تائين ٻين روڊن تي ڪم جاري آهي، شاهراهه نور جهان ۽ جهانگير روڊ جي مرمت جو ڪم پڻ شروع ڪيو پيو وڃي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ويزن موجب شهر جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جنهن جو ثمر جلد شهرين تائين پهچندو.










