ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ هندو مذهبي تهوار هولي ملهائڻ تي پابندي جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت ايڇ اي سي پاران يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي پابندي کي اسلامي رواداري جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو، يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته اسان جو مذهب، آئين ۽ قانون سمورن مذهبن ۽ عقيدن جي احترام جو درس ڏئي ٿو، پاڪستان جو قانون ڪنهن به فرد يا اداري کي ٻين عقيدن جي شهرين کي سندن مذهبي ۽ ثقافتي تہوار ملهائڻ کان روڪڻ جو اختيار نٿو ڏئي. هن چيو ته سنڌ صدين کان مذهبي رواداري جي منفرد روايتن جي محافظ رهي آهي، ايڇ اي سي جو اهو فيصلو سماج ۾ وڌيڪ عدم برداشت ۽ ورهاڱي جو سبب بڻجندو.










