اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ضيا القيوم کي عهدي تان هٽائڻ جي سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سمن رفعت امتياز سيشن ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو.ضيا القيوم کي عهدي تان هٽائڻ جو سيشن ڪورٽ جو فيصلو پهرين آڪٽوبر تي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل رهندو.










