ايپل جي آپريٽنگ سسٽم ۾ غلطي،ايمرجنسي اپ ڊيٽ اچي وئي

ايپل جي آپريٽنگ سسٽم ۾ غلطي،ايمرجنسي اپ ڊيٽ اچي وئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪمپني ايپل پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ۾ سنگين غلطي سامهون اچڻ کان پوءِ آءِ فون، آءِ پيڊ ۽ اسمارٽ گهڙين جي لاءِ هڪ ايمرجنسي اپ ڊيٽ رليز ڪئي آهي.رپورٽن موجب ايپل آءِ فونز ۽ آئي پيڊز جي لاءِ آءِ او ايس 14.4.2 ۽ اسمارٽ گهڙين جي لاءِ واچ او ايس 7.3.3 جي ايمرجنسي اپ ڊيٽ ڏني آهي. ايپل جي آپريٽنگ سسٽم ۾ غلطي گوگل جي تهريٽ ايناليسز گروپ ڳولي آهي ۽ اهو سڌو سنئون ايپل جي ويب ڪٽ برائوزر انجڻ ۾ موجود آهي.ايپل جو چوڻ آهي ته هن غلطي جو تمام تيزي سان ناجائز فائدو کنيو پيو وڃي. ان لاءِ ايمرجنسي اپ ڊيٽ رليز ڪئي وئي آهي. اڃان ايپل طرفان ان غلطي جا وڌيڪ تفصيل نه ڏنا ويا آهن پر اهڙيون غلطيون اڪثر صارفين کي اهڙين سائٽس تي منتقل ڪنديون آهن جتي ان جي ڄاڻ ۽ ڊيٽا چوري ٿي سگهي ٿي.هن غلطي جي سنگيني جو اندازو ان ڳالهه سان به لڳائي سگهجي ٿو ته ايپل پراڻي ڊيوائسز يعني آءِ فون فائيو ايس، آءِ فون 6، آءِفون 6 پلس، آءِ پيڊ ايئر، آئي پيڊ مني 2، آئي پيڊ مني 3 ۽ آءِ پوڊ ٽچ(ڇهين جنريشن) جي لاءِ به  آءِ او ايس 12.5.2 ريليز ڪيو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن اوهان ڪنهن به سنگين سيڪيورٽي مسئلي کان بچڻ چاهيو ٿا ته پنهنجو آپريٽنگ سسٽم فوري طور تي اپ ڊيٽ ڪري وٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو