برسلز ( ويب ڊيسڪ ) يورپي ڪميشن طرفان نئين ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ ( ڊي ايم اي ) قانون تي عملدرآمد ۾ مبينا ناڪامي تي ٽن وڌين ٽيڪنالوجي ڪمپنين خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان يورپي يونين طرفان ايپل، ميٽا ۽ گوگل جي سرپست ڪمپني الفابيٽ خلاف جاچ ڪئي ويندي. ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب، الفابيٽ، ايپل ۽ ميٽا طرفان پنهنجي پروڊڪٽس کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ڪميشن کي شڪ آهي ته ڄاڻايل ڪمپينن طرفان ڊي ايم اي تي اثرائتي انداز سان عملدرآمد نه ڪيو ويو. يورپ ۾ ست مارچ تي ڊجيٽڪل مارڪيٽس ايڪٽ لاڳو ٿيو هو. ان قانون تحت بائيٽ ڊانس، ايمازون، ميٽا، ايپل، مائيڪرو سافٽ ۽ الفابيٽ جهڙين ٽيڪنالوجي ڪمپينن کي گيٽ ڪيپر قرار ڏنو ويو هو. ڊي ايم اي جو بنيادي مقصد گيٽ ڪيپر ڪمپينن کي پنهنجا پليٽ فارم ٿرڊ پارٽيز لاءِ کولڻ تي مجبور ڪرڻ آهي ته جيئن برابري وارو عمل اڳتي وڌي سگهي. ايپل، الفابيٽ ۽ ميتا پهريون ڪمپنيون آهن جن خلاف ڊي ايم اي تحت جاچ ڪئي پئي وڃي. جاچ ۾ ڀڃڪڙي ثابت ٿيڻ تي ٽيڪنالوجي ڪمپنين تي سندن سالياني عالمي آمدني جو ڏهه سيڪڙو حصي جي برابر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. ڪمپيشن ايپل ۽ الفابيٽ جي فيس اسڪٽرڪچر تي به سوال اُٿاريندي چيو آهي ته اِهو ڊي ايم اي پٽاندڙ نه آهي. واضح رهي ته ٻنهي ڪمپنين طرفان ڪجهه سروسز جي حوالي سان نيون فيسون متعارف ڪرايون ويون آهن.
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف
ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو، ڳولا جاري
لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪُل جماعتي ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو
ٻٽي شهريت رکندڙ نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن جا نالا پڌرا ڪرڻ جو حڪم
نثار کهڙو بپلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي سنڌ جو چيئرمين،منظوري
جون 2025ع تائين روپيو پنهنجو ملهه 18 سيڪڙو وڃائي ويهندو: آئي ايف ايف
يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام وصول
نائب وزيراعظم ڊار ۽ امير مقام جو ڪرغزستان جو دورو اوچتو ملتوي
سنڌ دشمن منصوبن خلاف لڳل بک هڙتال پڄاڻي تي پهتي
هيٽ ويوو سبب ميٽرڪ جا امتحان ملتوي
ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا معطل
افغانستان ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، 70 ڄڻا فوت، ڪيترائي لاپتا
ڪي پي ۾ تعلقي چيئرمينن ۽ ميئرن جا مراعات ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو
اين اي 148 ملتان ۾ ضمني چونڊ لاءِ پولنگ عمل ختم،ڳڻپ جاري
بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان
عشرت العباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر عملي سياست ۾ اچڻ جو اشارو
گرمي جي شدت ۾ واڌ، گيسٽرو ۽ معدي جي بيمارين ۾ واڌ
ڪوهلي پي ايس ايل ۾ اچي يا ٽيم ۾ سان گڏ ڀليڪار ڪندس: آفريدي
اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو
سنڌ يار سکر 19 مئي 2024