اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻوڏ سان لاڳاپيل فليش اپيل تي اين ڊي ايم اي فيصلو ڪندو، ۽ پرڏيهي وزارت هر فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ترجمان چيو ته ڀارت سفارتي ذريعن ذريعي دريائن ۾ ٻوڏ بابت ڪجهه معلومات فراهم ڪئي، جنهن جي تفصيل نه هئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت انڊس واٽر ڪمشنر پاران طئي ڪيل چينل استعمال نه ڪيو، ۽ ڀارت کي انڊس واٽر ٽريٽي جي سڀني شقن تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ گهرجي.










