اين ٽي ڊي سي ۾ عورت ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽر جو افتتاح

اين ٽي ڊي سي ۾ عورت ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽر جو افتتاح

اسلام آباد (بيورورپورٽ) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ واري پيڪيج 2024 تحت پنهنجي آفيس ۾ هڪ جديد ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪيو آهي. جنرل مئنيجر (HR) انجنيئر سهيل ممتاز باجوا ۽ جنرل مئنيجر پروجيڪٽ ڊليوري (اتر) انجنيئر شاهد نذير ٽوڊا ۾ ڊي ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪيو، ڊي ڪيئر سينٽر قائم ڪرڻ جو مقصد آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت آفيسرن ۽ عملي کي سهولت مهيا ڪرڻ آهي، مهمان خاص هيومن ريسورس ڊائريڪٽوريٽ اين ٽي ڊي سي سينٽر جي قيام ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.

هن سينٽر ۾ قائم ڪيل راندين جي ڪمري، نرسري ۽ باورچي خاني جو دورو پڻ ڪيو، انهن سهولتن جي اعليٰ معيار جي پڻ ساراهه ڪئي. ڊي ڪيئر سينٽر راند جي ميدان، هڪ آرامده ماحول، رانديڪن، صوفن سان سجايو ويو آهي ۽ جديد سهولتن سان ليس آهي جنهن ۾ ايل سي ڊي ٽي وي ۽ فرج شامل آهن. سينٽر عورت آفيسرن ۽ اسٽاف لاءِ بهترين سهولتن جي ڪم ايندو، هي پروجيڪٽ اين ٽي ڊي سي ۾ ٽيون اضافو آهي، شاهين ڪمپليڪس ۽ لاهور ۾ ٽي ايس جي ٽريننگ سينٽر اڳ ۾ ئي قائم آهن، جڏهن ته ملتان، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ آفيسرن لاءِ وڌيڪ ڊي ڪيئر سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن. وزارت توانائي (پاور ڊويزن) جي هدايتن جي تعميل ۾ هيڊ آفيس جي سطح تي هڪ ڪراس فنڪشنل ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا عورتن جي ملازمن لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرز ۽ سهولتن جي قيام جي معاملن جي نگراني ڪندي. ان موقعي تي اين ٽي ڊي سي ڊي ڪيئر سينٽرز جو فوڪل پرسن ۽ ٻيا سينيئر آفيسر ۽ عورت اسٽاف پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو