اين اي 15 مانسهره جا نتيجا روڪڻ خلاف نواز جي درخواست رد

اين اي 15 مانسهره جا نتيجا روڪڻ خلاف نواز جي درخواست رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهره ۾ چونڊ نتيجن بابت نواز شريف جي چونڊ عذر واري درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اين اي 15 مانسهره ۾ نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.نواز شريف جو وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو، پر ريٽرننگ آفيسر اين اي 15 مانسهره پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.ريٽرننگ آفيسر پنهنجي جواب ۾ چيو ته تڪ جو نتيجو فارم 45 مطابق مرتب ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر جي جواب کانپوءِ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو