اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هي ماڻهو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هليا وڃن، ٻه نعرا لڳندا چور ۽ غدار.اوور سيز پاڪستانين سان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جو احتجاج پرامن هوندو، چاهيون ٿا ته عالمي ميڊيا، ادارن ۽ حڪمرانن کي ڏيکاريون ته عوام ڪنهن جو پاسو آهي، انهن کي عوام جي زور جي خبر پوندي.هن چيو ته آمريڪا کي عادت هئي ته حڪم ڏئي ۽ هتي ماڻهو ان تي سليوٽ ڪن، بدقسمتي سان آمريڪا کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ حڪم ڏيڻ جي عادت پيل آهي، پرويز مشرف آمريڪي ڌمڪي جو دٻاءُ نه سهي سگهيو، ملڪ کي آمريڪي جنگ جو حصو بڻايو ويو، پاڪستان آمريڪي وار آن ٽريرر ۾ شرڪت ڪرڻ جي سڀ کان ڳري قيمت ادا ڪئي.سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو ڪهڙو ڪم جو اسان جي پارٽي جي انهن ماڻهن سان ملي، جيڪي اسان مان خوش نه هئا، آمريڪي انڊر سيڪريٽري ڊونلڊ ليو پاڪستاني سفير کي ڌمڪي ڏني، آمريڪا پاڪستان جي حڪومت خلاف سازش ڪئي، جنهن کي پاڪستان جي مير جعفر ۽ مير صادق ڪامياب ڪرايو.عمران خان چيو ته اسان کي حڪومت تان هٽايو ويو، پوءِ ڪرپٽ ترين مافيا کي ملڪ تي مڙهيو ويو، ملڪ تباهه ڪرڻو آهي ته چورن کي ويهاري ڇڏيو.تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته مان ڪڏهن به اينٽي آمريڪا ۽ اينٽي يورپ ناهيان رهيو، اسان دوستي ڪرڻ چاهيون ٿا غلامي نه، حڪومت هٽائڻي ئي هئي ته اهڙن ماڻهن کي آڻيو ها، جن جي اسان کان وڌيڪ اهليت هجي ها.










