ايندڙ چونڊن ۾ نوجوان ووٽرن جو ڪردار اهم

ايندڙ چونڊن ۾ نوجوان ووٽرن جو ڪردار اهم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ 2023ع جي اليڪشن ۾ نوجوان ووٽر جو ڪردار انتهائي اهم هوندو.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ووٽر ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪل 12.5 ڪروڙ رجسٽرڊ ووٽر آهن، جن مان هڪ وڏو انگ 35 سالن کان گهٽ عمر وارن جو آهي.انگن اکرن موجب 18 کان 25 سالن جي عمر وارن ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 31 لک تائين پهچي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 26 کان 35 سالن جي عمر وارن ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 26 لک 18 هزار کان وڌي ويو آهي.اهڙي ريت ملڪ ۾ 18 کان 35 سالن جي عمر جي نوجوان مرد ۽ عورت ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 57 لک 18 هزار کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو