ايندڙ مالي سال پاڪستان جي آمدني وڌائڻ جو سال ثابت ٿيندو

ايندڙ مالي سال پاڪستان جي آمدني وڌائڻ جو سال ثابت ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني ۾ واڌ جو سال ثابت ٿيندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته 24-2023ع جي بجيٽ نوجوانن جي ترقي، ڪاروبار ۽ روزگار جي لاءِ تاريخي بجيٽ آهي، ان جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي ذريعي نااميدين کي ختم ڪرڻ، نئون اعتماد ۽ اميد بحال ڪرڻ جي ضرورت پوندي. هن چيو ته صنعت، زراعت، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ سندن مستقبل سنوارڻ هميشه وانگر منهنجي پهرين ترجيح آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي، زراعت ۽ صنعت ۾ ڪاروبار شروع ڪري پاڪستان جي ترقي جو معمار بڻائينداسين.شهباز شريف چيو ته هو نوجوانن کي هڪ لک ليپ ٽاپ، ننڍا ۽ رعايتي قرض ڏئي رهيا آهن، انهن جي حوصلا افزائي لاءِ بجيٽ ۾ آءِ ٽي ڪاروبار ۾ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، بهتري جو سفر تيز ٿيندو.هن چيو ته 24-2023ع جي بجيٽ ذريعي زرعي شعبي لاءِ مراعتون جاري رکيون وينديون، انهن قدمن سان فوڊ سيڪيورٽي حاصل ٿيندي، نوجوانن کي زرعي ترقي ۾ حصو وٺندڙ بڻائينداسين، هارين، نوجوان هارين کي زرعي ۽ ڪاروباري قرضن سان نوازيو ويندو، نوجوان ۽ پاڪستان خوشحال ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو