فاروق احمد سرگاڻي
وري هڪ ڀيرو اسان جي غلام قوم ۾ خوشي جي نئي لهر سامهون اليڪشن جي روپ ۾ نظر اچي ٿي ۔بلدياتي اليڪشن جي وٺ وٺا لڳي پئي آھي، ماڻھن وڏيرن جي اوطاقن تي وڃي جهتيون گهسائي ڇڏيو آھن ۔ ”سائين ٽڪيٽ اسان کي ڏيو“ پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وڏيرن جي چمچاگيري شروع ڪري ڏني آھي۔ وڏيرا اڪثر ڪري ان ماڻھو کي ٽڪيٽ ڏيندا، جيڪو پنهنجي علائقي ۾ گهڻو اثر رسوڪ رکي ٿو، يا جنهن وٺ زمين ٻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي، يا پنهنجي تر جو چڳو مرس هجي يعني ذاتي طور تي پنهنجي ذات يا ڳوٺ جو وڏو هجي. برحال پهرين مرحلي ۾ ٽڪيٽ تي وٺ پڪر هلندي.گذرل ٻن ڏهاڪن کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي اقدار ۾ رهي آھي، جيڪا اڪثريت سان جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پارٽي طور سامهون نظر آئي آھي. هن وقت وڏيرڪو ڪلچر پنهنجو تاريخي طسلسل وڃائي چڪو آھي، پر سنڌ ۾ هن نظام اڃان ڪجھ صدين تائين رهندو ۽ ان جا مختلف سبب آھن.ھن دفعي سنڌ جي مختلق ترقي پسند پارٽين گڏجي الڪيشن ۾ بيھڻ جو فيصلو ڪيو آھي. جيڪو قابل احترام آھي. پر تاريخي طور ڏسجي ته سنڌ ۾ ترقي پسند، قوم پرست پارلياماني سياست پنهنجو اهو مقان حاصل ڪري نه سگهي آھي. پر ڇا هاڻي اهين پارٽيون گڏيل طور تي اليڪشن کٽينديون؟ وڏيرڪي نظام ۾ ڦاٿل سنڌ جو نوجوان جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي کان سواءِ ٻيون ڪو رستو نظر نٿو اچي. صدين کان غلامي ۾ رهندڙ هي قوم جيڪا معاشي، سياسي، ۽ سماجي مسعلن جو شڪار آھي. جنهن جي ڀڃ ڊوڙ رڳو سرڪاري نوڪري تائين آھي. ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ عام ماڻھو کي نه سوچڻ جو حق حاصل هوندي آھي. ۽ نه وري ڪو ان جي باري ۾ سوچيندو آھي.اسان کي پنهنجي هٺ ڏوڪي پاڻ ٿيڻ کپي ۽ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ کپي.آءُ هيٺ ڪجھ نقطا لکندس جنهن تي هر هڪ ماڻھو کي عمل ڪرڻ گهرجي. 1. ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ شعور رکندڙ نوجوانن کي اليڪشن ۾ حصون وٺڻ کپي. 2. سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي جماعتن کي گهرجي ته عوام سان ميل ميلاپ وڌائين خاص ڪري ڳوٺن جي طرف رک رکن. 3. وڏيرن جي ڀرپور مخالفت ٿيڻ کپي . 4.سوشل ميڊيا يا ٻين پليٽ فارمن تي شعوري مھم جوهي هلائڻ کپي. 5.ماڻهن کي پنهنجي ووٽ جي اھميت کان حامل ڪيو وڃي. 6. عام ڳوٺاڻو اهو وچن ڪري ووٽ ڏني ته” توهان اسان جي تعليم ، صحت ۽ ٻين شين جو خيال رکڻو پوندو“ 7.هر هڪ ماڻھو جي وات مان اهو سوال نڪري ” توهان گذرل سالن جي بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي “ .










