ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي جي لهجي ۾ تلخي ناڪام ظاهر ڪري ٿي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي تلخيون وساري ڳالهيون ڪن، ايم ڪيو ايم پاران مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو فائدو جماعت اسلامي کي پيو، ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه جون ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪو پوکيو اڄ اهو ئي لڻي رهيو آهي، ڪجهه مصنوعي پارٽيون ٺهيون آهن، مصنوعي پارٽيون اهو ئي ڪنديون آهن جيڪو 9 مئي تي ٿيو، پي ٽي آءِ چيئرمين سوشل ميڊيا تي ويهي ملڪي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي










