ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي باضابطه دعوت ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان معاملا به آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ 4 وزارتون ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم خواجا اظهار الحسن، محمد حسين، جاويد حنيف ۽ ڪنور نويد جميل جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڏنل وزارتن ۾ لوڪل گورنمينٽ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ، گڏيل معاملن ۽ نوجوانن جا معاملا، راندين ۽ ثقافت سميت وزارتون شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻي ميئر وسيم اختر کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه ڪراچي ۽ حيدرآباد جا منتظم به ايم ڪيو ايم جا هوندا.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جلد بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.










