ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڻي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو اهي ته ايم ڪيو ايم دبئي جي سياست ڪراچي ۾ کڻي ايندي، ڪي پي ٽي جي زمينن تي قبضي جي خلاف جلد آپريشن ڪيو ويندو ڪي پي ٽي ڊيلي ويجز لاءِ 20 هزار رپيا عيد بونس جو اعلان ڪريان ٿو هي رقم فوري ملازمن کي ڏني ويندي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فيصل سبزواري چيو ته وزارت سنڀالي ته اڳوڻي انتظاميه سان محبت سان ڪم ڪيو منهنجي پارٽي مون کي فري هينڊ ڏنو هن چيو ته 2012 ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن جي حقن لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهه ڪئي جيستائين مان وزير آهيان ڪنهن ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو هن چيو ته آئينده به پورٽ اينڊ شپنگ ۾ نيون نوڪريون ڏنيون وينديون. ڪي پي ٽي جو ڪوئي ٽرمينل ناهي کپايو ويو جڏهن وزير ٿيس ته ڪي پي ٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته ادارو نقصان آهي وفاقي وزير چيو ته ٽي آئي سي ٽي معاهدي ۾ پاڻ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان هن چيو ته دبئي جي سياست ٿي رهي آهي پر ايم ڪيو ايم دبئي جي سياست ڪراچي ۾ آڻيندي فيصل سبزواري چيو ته ڪي پي ٽي جي زمينن تي قبضي جي خلاف جلد آپريشن ڪيو ويندو ڪي پي ٽي جي زمين تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ نئون جنرل مئنيجر رکيو پيو وڃي پي ٽي آئي 1100 ارب رپين مان 11 ارب به لڳائي ها ته ڪراچي کي ڪجهه سهولت ملي ها موجوده بجيٽ 4 کان 6 مهينن لاءِ آهي نئين حڪومت ايندي ۽ پنهنجو بجيٽ ڏيندي.










