ايم ڊي ڪيٽ مخالف آھيان : ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو

ايم ڊي ڪيٽ مخالف آھيان : ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ڪيتريون ئي عورتون اسڪارپ ڪن ٿيون، ٻارن ۾ فرق هجڻ گهرجي.ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اسان جناح اسپتال ۾ اسڪلڊ ليب جو افتتاح ڪيو آهي، ليب ۾ سهولتن کان علاوه ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز کي به تربيت ڏني ويندي.سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ۾ هن ڀيري 38 هزار کان وڌيڪ ٻارن شرڪت ڪئي، ايتري وڏي تعداد ۾ ٽيسٽن ۾ شفافيت برقرار رکڻ مشڪل آهي.ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته مان ايم ڊي ڪيٽ جي خلاف آهيان، منهنجي خواهش هئي ته هر يونيورسٽي پنهنجي ٽيسٽ ڪرائي.نيشنل هيلٿ ڪميشن ٺهي، انهن ايم ڊي ڪيٽ ٺاهي.هن چيو ته هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، مان اهو نه پيو چوان ته پيپر ليڪ ٿيو آهي، هن ڀيري آءِ بي اي سکر ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ جي ذميواري ڏني آهي.سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته پوليو جو مسئلو اهو آهي ته اسان جي گٽرن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته روٽين ايميونائيزيشن پروگرام کي مضبوط ڪيو وڃي.هن اهو پڻ چيو ته ڊينگي مليريا ۾ مبتلا ماڻهن کي مڇرن کان پري رهڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو