اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي نون چونڊيل ايم اين اي برگيڊيئر (ر) اسلم گھمن کي نامعلوم ماڻهن اغوا ڪري ورتو آهي.اها دعويٰ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي آهي.هنن چيو ته سيالڪوٽ مان پي ٽي آءِ جي نون چونڊيل ايم اين اي برگيڊيئر (ر) اسلم گھمن کي اغوا ڪيو ويو آهي.عمر ايوب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسلم گھمن کي پي ٽي آءِ ڇڏي مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته اسلم گھمن جي دھاندلي ۽ جبري گمشدگي جي سخت مذمت ڪيون ٿا.سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 74 تان تحريڪ انصاف جو ڪامياب اميدوار اسلم گهمن آهي.










