ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارائن ايمن خان ۽ منال خان فيروز خان جي حمايت ۾ بيان جاري ڪري ڇڏيو.تازو ئي فيروز خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن کي آگاهه ڪيو آهي ته هن پنهنجي ۽ منيب بٽ جي خاندان جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو پنهنجي بزرگن جي رهنمائي سان ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان کان علاوه فيروز خان پنهنجي ساٿي اداڪارن کان به ذاتي معلومات شيئر ڪرڻ تي معذرت ڪئي. هاڻ ايمن خان، منال خان ۽ احسن محسن اڪرام فيروز خان جي اڳوڻي زال عليزا سان هلندڙ عدالتي ويڙهه ۾ اداڪار جو ساٿ ڏنو آهي.ان حوالي سان ٽنهي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته فيروز خان جو ارادو اسان کي ڏک ڏيڻ نه هو، اها رڳو هڪ غلطي هئي.هن لکيو ته معزز عدليه هن وقت فيروز خان ۽ سيده عليزه جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي ۽ اسان کي پنهنجي عدالتي نظام تي پورو يقين آهي، ان ڪري جيڪو به فيصلو ايندو ان جو احترام ڪنداسين.هن وڌيڪ لکيو ته اهو فيروز ۽ ان جي اڳوڻي زال جو ذاتي معاملو آهي، ان ڪري سڀني کي گهرجي ته ان جي پرائيويسي جو احترام ڪن ۽ ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪن.










