ايمن خان جي ٽي وي اسڪرين تي واپسي

ايمن خان جي ٽي وي اسڪرين تي واپسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪارا ايمن خان ٽي وي اسڪرين تي واپسي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.ايمن خان شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي شروعات چائلڊ اسٽار جي حيثيت سان ڪئي ۽ تمام جلد ئي ناظرين جو پيار ۽ داد حاصل ڪري ورتي.هن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ چائلڊ اسٽار کان وٺي اهم ڪردارن تائين ترقي ڪئي، پر اداڪار منيب بٽ سان شادي ڪرڻ کانپوءِ هوءَ اداڪاري جي دنيا کان پري ٿي وئي. ايمن خان تازو ئي ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ پنهنجي ڌيءَ امل سان گڏ نظر آئي، ايمن خان تقريب ۾ هڪ انٽرويو دوران ٽي وي اسڪرين تي واپسي جو اشارو ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو