ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور اداڪارا ايمان علي ملڪ ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ خانگي چينل جي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪندي اداڪارا ايمان علي پاڪستان ڇڏي ڪئناڊا وڃڻ جو اشارو ڏنو.ان سوال تي ته ميزبان طرفان ملڪ جي معاشي صورتحال ڪيئن ٺيڪ ٿيندي، اداڪارا ايمان علي جواب ڏنو ته مان ڪينيڊا شفٽ ٿيڻ جو سوچي رهي آهيان.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو مڙس ڪينيڊا جو شهري آهي ان ڪري مان به ڪئناڊا وڃڻ جو سوچي رهي آهيان ڇو ته هو جتي آهي اتي مان آهيان.










