گريڊ 1 کان 15 تائين نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

گريڊ 1 کان 15 تائين نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

بدين(ن س) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ڍورو پراڻ کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جي بحاليءَ جو افتتاح ڪري ڇڏيو،وڏي وزير ڪلوئي ويجهو اسپائينل ڊرين آر ڊي 210 جو به افتتاح ڪيو، وڏي وزير زيرو پوائنٽ وٽ پهچي اسپائينل ڊرين جو افتتاح ڪيو،صوبائي وزير ڄام خان شورو، ارباب لطف الله، اسماعيل راهو، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا به وڏي وزير سان گڏ موجود هئا، وڏي وزير چيو ته هاڻي بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ضلعن جي لکين ايڪڙ زمينون سيلابن دوران نه ٻڏنديون، پاڻيءَ جي نيڪال جي پراڻن رستن جي بحالي ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنس جي عوام جو پراڻو مطالبو هو وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي جي ڊزائين تي شهيد بينظير ڀٽو به اعتراض واريا هئا، ڇاڪاڻ ته ان سان پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه بند ٿي ويا هئا، ايل بي او ڊي 1980 واري ڏهاڪي جو منصوبو هو ۽ اهو منصوبو واپڊا تعمير ڪيو هو،سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي جي ڊزائين ۾ ڪجهه ترميمون ڪري پاڻيءَ جا پراڻا لنگهه بحال ڪيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم هو ته پاڻيءَ جا پراڻا لنگهه بحال ڪري زرعي معيشت کي ترقي وٺرائي وڃي،، سنڌ جي وڏي وزير پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جون ڪجهه ڏينهن ۾ ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو،ڪلوئي ويجهو نيوي چڪ جي علائقي ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته نيون ڀرتيون هاڻي مهينن نه پر ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪنداسين، ٻن سالن دوران گريڊ 16 جون 10 هزار ڀرتيون ڪيون ويون،ايندڙ ٽن کان 6 مهينن دوران وڌيڪ 10 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي اسڪيم شروع ڪئي آهي،ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک 60 هزار گهر ٺاهي چڪا آهيون، 6 لک گهرن جو ڪم هلندڙ آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽن سالن دوران 21 لک گهر ٺاهي ڏينداسين، بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو