ايل اين جي، خريداري جو تاريخ جو مهانگو ترين سودو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بين الاقوامي ميگزين بلوم برگ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان سيپٽمبر جي لاءِ مهانگي ايل اين جي خريد ڪئي آهي. تاريخ جي مهانگي ترين سودي ۾  چار ايل اين جي ڪارگو بڪ ڪيا آهن جن جي سراسري قيمت 15.36 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو، ايل اين جي خريد ڪئي آهي. توانائي واري وزارت جي ذريعن مطابق ، 6 کان 7 سيپٽمبر سيپٽمبر لاءِ ٽي ايل اين جي ڪارگو عامي ڪمپني گنور ۽ هڪ ڪارگو چائنا پيٽرو کان خريد ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ايل اين جي ڪارگو 12-13 سيپٽمبر لاءِ 15.49 ڊالر ۽ 17 ۽ 18 سيپٽمبر جي سپلاءِ لاءِ 15ئ39 دالر ۽ 27 کان 28 سيپٽمبر جي سپلاءِ لاءِ 15.19 ڊالر تي سودا ڪيا آهن.  

پهنجو تبصرو موڪليو