ايليٽ ڪلاس جون حرڪتون ۽ سيڙپڪاري جو ماحول

ليکڪ امتياز گل
ڊسمبر پاڪستانين لاءِ غم جو مهينو آهي، هن مهيني ۾ پاڪستان ٽٽو هو، آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ٿيو جنهن ۾ 148 معصوم ٻار قتل ٿيا ۽ پريڊ لين مسجد، راولپنڊي ۾ قتل عام جنهن ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا هئا.(2 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ ماريو ويو هو).
تازو ئي 6 ڊسمبر تي موجوده حڪمرانن هن مهيني ۾ شرمندگيءَ جي هڪ ٻي ڏينهن جو اضافو ڪيو. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي معنيٰ حڪومت) وزير اعظم شهباز شريف ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم سردار تنوير الياس وچ ۾ جهيڙي جي ڪلاڪن اندر – ضابطن جي عدم تعميل جي عذر تي – مشهور سينٽورس مال سيل ڪري ڇڏيو. اختيارين 236 ڪاروبار بند ڪيا، جن ۾ درجنين بين الاقوامي برانڊز شامل آهن. نتيجي ۾ 3,000 کان وڌيڪ ماڻهو، جن مان گهڻا روزاني ڪمائيندڙ آهن، ڪم کان ٻاهر ٿي ويا. معيشت جي نقصان سان گڏوگڏ مال ۾ وڏي ڪاروباري سرگرمي PM يا سندس ساٿين لاءِ گهٽ اهميت رکي ٿي. اهو عمل صرف بي رحم شاهاڻي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿي ۽ اهو ئي طبقو يعني نام نهاد ايليٽ ڪلاس هن ملڪ تي حڪمراني ڪري ٿو. اهو طبقو آهي جيڪو پاڻ قتل ڪري به قانون کان بچي وڃي ٿو پر بيگناهه ۽ لاچار کي ڦاسي ڏياري ٿو.
ساڳئي ڏينهن دير سان مال کي سيل ڪيو ويو جڏهن سوين ڪارڪنن احتجاج ۾ روڊن تي نڪري آيا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽيم آخر ڇا پيغام ڏنو؟ واپاري برادري ۽ بين الاقوامي برانڊز کي اهو باور ڪرايو ويو ته جيڪڏهن توهان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندا ته اوهانکي خطرو آهي. اسين توهان جو ڪاروبار ڪنهن به وقت بند ڪري سگهو ن ٿا.
حيرت انگيز طور تي مال بند ان ڏينهن ٿيو جڏهن وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ 21 هين ايشيا پيسفڪ آئي سي ٽي الائنس ايوارڊز 2022 جي تقريب ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ”شاندار، وڏي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيت“ جي ياد ڏياري رهيو هو. سينٽورس مال جي من ماني بندش سان مون کي حيرت ٿي ته پاڪستان گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ پوئتي هليو ويو آهي ڇا؟ مون کي ياد آيو ته ڪيئن پهرين نواز شريف حڪومت انڊس موٽرز جو امپورٽ رجسٽريشن لائسنس منسوخ ڪيو هو. چوڌري شجاعت حسين، ان وقت جو گهرو وزير، مبينا طور تي منافعي واري ٽويوٽا پروڊڪشن تي قبضو ڪرڻ چاهي پيو- ان ڪري سندن لائسنس رد ڪيو ويو هو. جاپاني ڪمپني جو صدر اهو ٻڌي حيران ٿي ويو هو. هن وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات جو مطالبو ڪيو پر کيس چيو ويو ته هو ٻن سالن کانپوءِ وزيراعظم سان ملي سگهي ٿو.
اسلام آباد ۾ جاپاني سفير ان کان پوءِ حرڪت ۾ اچي ويو، وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس چيو ته: اسان هن بليڪ ميلنگ کي قبول نٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن امپورٽ لائسنس بحال نه ٿيو ته ٽويوٽا پاڪستان ۾ آپريشن ختم ڪري ڇڏيندي. جنهن بعد وزيراعظم نواز شريف آخرڪار رجسٽريشن بحال ڪري ڇڏي.
اهڙي طرح تاريخي مري بروري ۽ هاشو گروپ آف ڪمپنيز (جيڪي ميريٽ ۽ پرل ڪانٽينينٽل هوٽلن جا مالڪ پڻ آهن) 1990ع جي وچ ڌاري ان وقت سخت دٻاءُ هيٺ آيا، جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري انهن ڪمپنين جا ڪجهه اثاثا خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ٽيڪس ۽ پوليس اختيارين ڪمپنين تي دٻاءُ وڌايو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. ”ڪنهن به صورت ۾، اسان مري وينداسين پر پنهنجو برانڊ ڪنهن کي به نه وڪڻنداسين،“ مري بروري جي سي اي او مرحوم مينو ڀنڊارا مون کي راولپنڊي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ٻڌايو هو، هن ٻڌايو هو ته سندس ڪمپني انهن ڏينهن ۾ ڏکئي وقت مان گذري رهي هئي. صدرالدين هاشواڻي کي به اهڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، جنهن کيس پهرين ڪراچي کان اسلام آباد ۽ پوءِ دبئي منتقل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب Truth Always prevails ۾ پنهنجن تجربن کي دستاويزن ۾ محفوط ڪيو آهي. اهو ذاتي مفاد خاطر سرڪاري ڌمڪيون ڏيڻ جي افسوسناڪ معاملي جي نمائندگي ڪري ٿو. اهو پڻ غريب آفيسرن تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪي اڳتي ۽ پوئتي ڪن ٿا مالڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ قانون جي حڪمراني ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانيءَ کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ لاءِ.
غير ملڪي سيڙپڪار پنهنجو پئسو هڪ اهڙي ملڪ ۾ ڇو رکندا جتي اعليٰ آفيسر ڪاروباري ۽ صنعتي گهرن تي ٽيڪس ۽ ريگيوليشن آفيسرن کي هٽائڻ جو رجحان رکن ٿا – يا ته ”آمدني وڌائڻ“ لاءِ يا پسند جي ڪاروبار/صنعت کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ ٻانهن مروڙڻ جو رواج هجي. جيڪڏهن اعليٰ اختياريءَ واري بيوروڪريسي جي مداخلت کان تحفظ جي ڪا به ضمانت نه آهي ۽ جتي ٽيڪس آفيسر گدڙن وانگر ڪم ڪن ته ڪاروبارن کي رشوت ڏيڻ يا پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ لاءِ خوفزده ڪن ته پوءِ اهو ملڪ ڪنهن به سيڙپڪار لاءِ ڇو اهم هوندو؟
پاڪستان ڪڏهن به حقيقي سرمائيداريءَ کي راغب نه ڪري سگهندو، هن ڦرلٽ، اعليٰ ذهنيت سان جيڪو خانگي ادارن جي خلاف ذاتي خواهشن تي عمل ۽ ردعمل ڏيکاري ٿو. سيڙپڪار پنهنجي منافعي کي بهتر ڪرڻ چاهين ٿا نه ته انهن کي وحشي آفيسرن يا سياستدانن سان شيئر ڪن. (نوٽ هي ڪالم نامياري صحافي امتياز گل ايڪسپريس ٽربيون لاءِ لکيو جيڪو 14 ڊسمبر تي شايع ٿيو . اسين سندن ٿورن سان سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا….. ادارو).

پهنجو تبصرو موڪليو