ايلون مسڪ پاران ايران ۾ مفت اسٽار لنڪ انٽرنيٽ فراهم

ايلون مسڪ پاران ايران ۾ مفت اسٽار لنڪ انٽرنيٽ فراهم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ ايران ۾ مفت اسٽار لنڪ انٽرنيٽ فراهم ڪئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس هاڻي اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس ذريعي ايران ۾ استعمال ڪندڙن کي مفت انٽرنيٽ فراهم ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته ايران ۾ انٽرنيٽ ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي ۽ مارجي ويلن جي درست انگ جي نشاندھي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب، ايران ۾ اڳ ۾ غير فعال اسٽار لنڪ اڪائونٽس هاڻي شروع ڪيا ويا آهن ۽ ان جي سبسڪرپشن فيس پڻ معاف ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايراني حڪومت مفت انٽرنيٽ جي فراهمي کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي هنڌن تي جيمر لڳايا آهن، پر گهڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي وئي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، اسپيس ايڪس جو مفت انٽرنيٽ سروس جو اعلان آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ جي وچ ۾ تازي ٽيليفون ڳالهه ٻولهه کان پوءِ آيو. ٽيليفونڪ رابطي دوران ايران ۾ اسٽار لنڪ سروس جي فراهمي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي…..

پهنجو تبصرو موڪليو