ڪنڌڪوٽ(ن سنڌيار)صحافي اطهر متين جي قاتلن جي گرفتاري .نيوز ون چينل جي بندش ۽ صحافين کي هيسائڻ واري عمل خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي سڏ تي يونين آف جرنلسٽ پاران پريس ڪلب آڏو ضلعي صدر دليپ ڪمار ٺاڪر.جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند پريس ڪلب صدر علي حسن ملڪ.جنرل سيڪريٽري لياقت علي کوسو.غلام رسول ميراڻي.غلام مصطفيٰ نندواڻي.غالب بلوچ.غلام ياسين لاشاري.ظھير حسين ملڪ . حفيظ ملڪ.نصيرمنگي.حضور بخش منگي. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري صحافي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ قاتلن خلاف شديد نعري بازي ڪندي مذمت ڪئي ان موقعي تي صحافي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هر آئي ڏينهن صحافين مٿان حملا ٿي رهيا آهن هنن کي قتل ڪيو پيو وڃي هنن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن هن حڪومت دوران صحافين کي هيسائڻ صحافين مٿان حملا صحافين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ سميت ميڊيا سينٽرز جي بندش ٿيندي پئي اچي صحافي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي اطهر متين جي قاتلن کي فل فور گرفتار ڪري صحافي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ صحافين جو تحفظ يقيني بڻائي صحافي برادري ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.










