لاهور(ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ۾ طلبي نوٽيس خلاف عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي نوٽيس کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي سندس درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس اسجد جاويد غرال 7 ڊسمبر تي عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.










