ميلبرن (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي ڪرڪيٽرن انگلينڊ خلاف ايشز سيريز کي نظر ۾ رکندي ڀارت خلاف ٽي 20 سيريز ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ جا سڀئي امڪاني رانديگر شيفيلڊ شيلڊ جو ايندڙ رائونڊ کيڏندا.ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ٽريوس هيڊ کي شيفيلڊ شيلڊ ميچ لاءِ آسٽريليا جي ٽي 20 اسڪواڊ مان جاري ڪيو ويو آهي، هو ڀارت خلاف آخري 2 ٽي 20 ميچ نه کيڏندو.آسٽريليا جا ٽاپ ڪرڪيٽر شيفيلڊ شيلڊ جو چوٿون رائونڊ کيڏندا. ٽريوس هيڊ مچل اسٽارڪ، اسٽيو سمٿ ۽ جوش هيزل ووڊ سان گڏ ايڪشن ۾ نظر ايندا.ڪيترن ئي آسٽريليا جي ڪرڪيٽرن ٽيسٽ سيريز جي تياري لاءِ وائيٽ بال ڪرڪيٽ جي بدران ريڊ بال ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏني آهي. جوش هيزل ووڊ ۽ شين ايبٽ پڻ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ ٽي 20 آئي اسڪواڊ ڇڏي ڏنو آهي.تنوير سنگها کي به ٽي 20 اسڪواڊ مان جاري ڪيو ويو آهي، هو ون ڊي ڪپ کيڏندو، بين ڊارسيس کي ڀارت خلاف سيريز جي باقي ميچن لاءِ ٽي 20 اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ چوٿون ۽ پنجون ٽي 20 ميچ 6 ۽ 8 نومبر تي کيڏيا ويندا. 5 ميچن جي ٽي 20 سيريز 1-1 سان برابر آهي.










